استاد گامڻ خان

استاد گامڻ خان

استاد گامڻ خان

استاد گامڻ خان: استاد گامڻ خان اصل ۾ فتح ڳڙهه چوڙيان مشرقي پنجاب جو باشندو ۽ استاد شادي خان جو ننڍو فرزند هو. مگر سنڌ جي سڳنڌ ۽ هتي جي مڻيادار ماڻهن جي قرب جي هاڪ ٻڌي، هتي ڪهي آيو، ۽ اهڙو قابو ٿي ويو، جو کيس اصل وطن به وسري ويو. آخر مٽي به سنڌ جي ماڻيائين. مشهور گائڪ شادي خان جو هي لائق پٽ، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ واري زماني ۾ هتي آيو هو، سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ ميٺاڄ ڀريل هو. سندس گائڪيءَ جو انداز ڌرپڌي هو. هي استاد بني خان جو شاگرد هو، ۽ خيال جي گائڪي کانئس سکيائين. هن شڪارپور شهر کي پنهنجي مستقل رهائش لاءِ منتخب ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.


لفظ استاد گامڻ خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو